ديوان شيدا

ديوان شيدا (ڪتاب): ديوان شيدا، سنڌ جي نامور شاعر مولوي محمد عظيم سولنگي ’شيدا‘ جي سنڌي غزلن ۽ نظمن جو مجموعو آهي. ڊاڪٽر اياز حسين قادري پنهنجي ڪتاب ’سنڌي غزل جو اوسر‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”مولوي محمد عظيم سولنگيءَ جو شمار سنڌ جي نامور عالمن، مفتين ۽ مُدرسن ۾ ٿئي ٿو. هي جمعيت العلماءِ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر ۽ مرڪزي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. مولوي ’شيدا‘ کي جوانيءَ کان شاعريءَ جو شوق هو. هدايت علي نجفي سندس هم مڪتب ۽ دوست هو، جنهن جي صبحت ۾ هن شاعريءَ جي گهڻي سکيا ورتي. بزم مشاعري لاڙڪاڻي سان سندس شروع کان وٺي وابستگي رهي. گهڻو ڪري هن غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس گهڻو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي. باقي بچيل وٽس ئي قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. شيدا جا غزل پارسي ترڪيبن ۽ بندشن سان سينگاريل آهن. سندس ڪلام اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو